اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو ز??دا??ي ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ اڄ ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو ز??دا??ي جي دعوت تي 10 کان 12 ڊسمبر تائين پاڪستان ۽ آزا?? ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪري رهيو آهي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي دوري دوران 5 رڪني وفد جي قيادت ڪندو، نومبر 2021ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس پاڪستان جو پهريون باقاعده دورو آهي. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل دوري دوران وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سان وفدن جي سطح تي ملاقات ڪندو، هو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وز??ر، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وز??ر ۽ واپار واري وفاقي وز??ر سان پڻ ملاقات ڪندو. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل آزا?? ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو پڻ ڪندو. ٻطرفي ڳالهه ٻولهه دوران او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل ۽ پرڏيهي وز??ر او آءِ سي جي ايجنڊ اتي موجو ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اسلامو فوبيا ۽ افغانستان ۾ انساني صورتحال سميت ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.