اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته گڏيل عرب امارات مخصوص شهرن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني?? کي ويزائون جاري ڪرڻ تي ڪا پابندي نا??ي هنئي ۽ انه?? کي بليڪ لسٽ نا??ي ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته اسان ان ڳالهه جي تصديق ڪري سگهون ٿا ته گڏيل عرب امارات پاران پاڪستاني شهري?? کي ويزا جاري ڪرڻ تي اهڙي ڪا پابندي نه آهي. پرڏيهي آفيس جو اهو جواب گڏيل عرب امارات پاران مخصوص شهرن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني شهري?? کي ويزائون جاري ڪرڻ تي بليڪ لس?? يا پابندي جي خبرن تي صحافين جي سوالن جي جواب ۾ آيو آهي. ترجمان گڏيل عرب امارات پاران ڪجهه شهرن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني شهري?? کي ويزا فراهم نه ڪرڻ جي خبرن جي پڻ سختي سان ترديد ڪئي آهي. گڏيل عرب امارات جي قونصليٽ ج??رل ڪراچي بخيت عتيق الرميٿي چيو ته گڏيل عرب امارات جي حڪومت اهڙي ڪا پابندي نا??ي هنئي.