اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿو وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولڻا پوندا، قازقستان جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪي??ن وينديون. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صد?? اهڙن خيالن جو اظهار قازقستان ۾ پاڪستان جي نامزد سفير نعمان بشير ڀٽي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صد?? ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعا??ن وڌائڻ جي گنجائش موجود آهي. ٻنهي مل??ن جي ??چ ۾ ٻطرفي واپار جي صلاحيت موجوده سطح کان وڌيڪ آهي. صد?? چيو ته پاڪستان قازقستان سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. قازقستان جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪي??ن وڃن. زراعت ۽ زرعي مصنوعات جي شعبن ۾ واپار جي صلاحيت کي عملي شڪل ڏيڻي پوندي. هن چيو ته ٻنهي مل??ن جي ??چ ۾ تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن. صد?? چيو ته پاڪستان وچ ايشيائي مل??ن سان پائيدار ۽ بامعنيٰ لاڳاپن جو خواهشمند آهي. وچ ايشيائي مل??ن سان رابطا وڌائڻ پاڪستان جي خطي پاران پاليسي جو اهم حصو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي قازقستان سان عوامي لاڳاپن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ جوائنٽ ڊگريون ۽ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت آهي. صد?? چيو ته پاڪستان جي ورچوئل يونيورسٽي آن لائين تعليم جي سهولت فراهم ڪري ٿي. قازقستان جا شاگرد ورچوئل يونيورسٽي جي آن لائين تعليم جي سهولت مان فائدو کڻي سگهن ٿا. 8 هزار جي لڳ ڀڳ غيرملڪي شاگرد يونيورسٽي جي ورچوئل تعليمي پروگرام مان فائدو کڻي رهيا آهن. صد?? چيو ته نامزد سفير ٻوڏ دوران پاڪستان جي امداد تي قازقستان جي عوام ۽ حڪومت جا ٿورا مڃي ٿو. نامزد سفير ڀارت جي مسلمانن ۽ اقليت مخالف پاليسين تي به آواز اُٿاري. صد?? نامزد سفير کي چيو ته هو ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي خلاف ظلم ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪري.