راولپنڊي – 22 – مارچ (اي پي پي) ڏکڻ وزيرستان جي علائقي ا??گور اڏا ۾ دهشتگردن سان مقابلي دوران شهيد ٿيندڙ برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال برڪي جي جنازي نماز ريس ڪورس گرائونڊ راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب جنازي نماز ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي، وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، ڊي جي ا??ٽر سروسز انٽيليجنس ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ جوانن، سرڪاري آفيسرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ عوام جي وڏي ا??گ جنازي نماز ۾ ش??ڪت ڪئي. آفيسر کي قوم جي لاءِ خدمتن جي اع??راف ۾ پوري فوجي اع??از سان آرمي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. پنهنجي پوري فوجي ڪيريئر دوران برگيڊيئر مصطفيٰ برڪي جي دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين ۾ سرگرم رهيو، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي ڪيترن ئي نيٽ ورڪس کي ڪاميابي سان ختم ڪيو. هو اي پي ا??س حملي 2016ع ۾ ملوث د??شتگرد نيٽ ورڪس تائين پهچڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو هو. قوم سندس زندگي ۾ ش??ندار خدمتن ۽ پاڪستان جي لاءِ ڏني ويندڙ عظيم قرباني جو اع??راف ڪري ٿي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ انٽيلي جنس ايجنسيون دهشتگردي جي ا?? لعنت کي هر قيمت تي ختم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪن ٿيون.