اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب س??ن برطان??ا جي وقتي هاءِ ڪمشنر اينڊريو ڊگ ليش مل??قا?? ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سوشل ۽ آن لائين ميڊيا تي نفرت انگيز ۽ دهشتگردي جي روين بابت مواد جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. مل??قا?? ۾ ميڊ??ا جي مختلف شعبن ڊيجيٽل ميڊيا، ميڊيا ٽريننگ ۽ فلم سازي ۾ تعاون سميت ٻطرفن سفارتي لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير شاهه چارلس ٽي جي تاج پوشي تي وقتي هاءِ ڪمشنر ۽ برطان??ا جي عوام کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو برطان??ا جو تازو دورو ۽ ڪنگ چارلس ٽي جي تاج پوشي ۾ شرڪت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ احترام ۽ گ??يل اعتماد تي ٻڌل دوستي جو مظهر آهي. هن چيو ته پاڪست??ن برطانيا سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائن جي عزم جو اظهار ڪيو. مل??قا?? ۾ فلم سازي ۽ ميڊيا ٽريننگ ۾ تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جي ثقافت ۽ مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ صحت، تعليم، گورننس ۽ انساني وسيلن جي ترقي ۾ برطانوي حڪومت جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته صحافين کي تربيت جي فراهمي لاءِ برطان??ا جي جديد ميڊيا نصاب مان مدد ورتي ويندي. ان موقعي تي برطان??ا جي وقتي هاءِ ڪمشنر پاڪستان جي موجوده حڪومت جي معاشي پاليسين سميت اطلاعات جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي کي ساراهيو. هن ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جا 7 درجا بهتر ٿيڻ تي خوش آئنده قرار ڏنو. اطلاعات واري وزير کي مبارڪباد ڏني. برطان??ا جي وقتي هاءِ ڪمشنر پاڪستان جي اقتصادي بحران کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ نيڪ خواهشن ۽ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.