اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پ??ڪس??ان پيپلزپا??ٽي جي چيئرمين ۽ پ??ڪس??ان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آئين جي گولڊن جوبلي ملهائڻ جي لاءِ هڪ مهيني تائين جاري رهندڙ سرگرميون ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اسان پنهنجو پاڻ کي انهن چئلينجن جي توسط سان متعارف نه ٿا ڪريون جن کي اسان کي منهن ڏيڻو پوي ٿو پر اسان چئلينجن جو مقابلو ڪهڙي طرح ڪريون ٿا اهو اسان جو تعارف آهي. هن چيو ته آمرن پاران آ??ين کي پائمال ڪرڻ جي باوجود آخري فتح سدائين پ??ڪس??اني عوام جي ٿي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهوريت جي تسلسل جو سهرو پ??ڪس??اني عوام ڏانهن وڃي ٿو. هن اهو به چيو ته پيپلزپا??ٽي ڪڏهن به قانون کي پنهنجي هٿ ۾ نه کنيو پر هن ملڪ جي خاطر ٽن نسلن جي قربانين کي ترجيح ڏني. بدترين آمريت جون آ??مائشون بيان ڪندي هن چيو ته پيپلزپا??ٽي سدائين جمهوري رستي جي چونڊ ڪئي آهي. پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ پاپولسٽ سياسي افساني سياست کي يرغمال بڻائي رکيو آهي جنهن سان پ??ڪس??ان جي عوام کي شديد پريشاني درپيش آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان جي عوام تشدد کي سدائين رد ڪري ٿي، ڀلي اها ڪنهن به شڪل ۾ هجي يا ڪنهن نعري تحت شروع ڪيو ويو هجي. پ??ڪس??ان جي عوام ۽ سياسي پارٽيون پارليامينٽ، اسپيڪر ۽ سمورن رياستي ادارن تي مڪمل اعتماد ??و اظهار ڪن ٿيون. هن چيو ته امن امان جي تازي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي ڇو ته ڪجهه غيرجمهوري عنصر ملڪ کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته آئين کي فوجي آمرن بنا ڪنهن پڇتاءُ جي لتاڙي ڇڏيو جنهن کي عوام جي جدوجهد سان شڪست ٿي. هن ان عزم ??و اظهار ڪيو ته پيپلزپا??ٽي جارحيت ۽ غيرائيني قدمن جي خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.