اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ ڪمزور ٿي ڪيٽيگري ٿري ۾ تبديل ٿيڻ بعد انتهائي شديد ??امونڊي طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي. اهو طوفان ڪراچي کان اٽڪل 470 ڪلوميٽر ڏکڻ، ٺٽي کان 460 ڪلوميٽر ڏکڻ ۽ اورماڙه کان 570 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي طرفان صبح جو جاري ڪيل تفصيلن مطابق سامونڊي طوفان جي سطح تي هوا هلڻ جي رفتار اٽڪل 140 کان 150 ملوميٽر في ڪل??ڪ جڏهن ته ان جي مرڪز جي حصي جي رفتار 170 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين آهي. تازي اڳڪٿي مطابق طوفان جي برقرار رهڻ جو امڪان آهي. (اڄ) 14 جون 2023ع جي صبح تائين ا?? جو رخ اتر طرف ۽ پوءِ اوڀر طرف مڙڻ جو امڪان آهي. ان کان علاوه سڀاڻي 15 جون 2023ع جي منجهند تائين هڪ انتهائي شديد ??وفان طور ڪيٽي بندر (ڏکڻ اوڀر سنڌ ڪوسٽل لائين) ۽ ڀارتي گجرات جي سامونڊي پٽي وچ ۾ ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي. طوفان سبب امڪاني طور تي ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، ڪراچي، ميرپورخاص، عمرڪ??ٽ، حيدرآباد، اورماڙه، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو محمد خان علائقا متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.