اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي وقوف عرفه جي ب??سعادت موقعي تي مناسڪ حج جو اهم رڪن وقوف عرفه ادا ڪرڻ تي سمورن حاجي سڳورن ۽ مسلمان امت کي خصوصي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هن برڪتن واري ڏينهن هر مسلمان وچن ڪري ٿو ته الله تعا??يٰ جي زات جي حڪمن جي ب??اآوري جي لاءِ هو هر قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب وقتي صدر چيو ته قرباني جو جذبو ان وچن جي به تائيد آ??ي جنهن جو حضرت ابراهيم عه اعلان ??يو هو، حج اسلام جو اهم رڪن آهي. هن چيو ته اسان ??ي گهرجي ته قرآن ۽ سنت جو امن، اخوت ۽ ڀائيچاري جو پيغام انسانيت ۾ عام ڪري??ن، مسلمان امت کي هن وقت سڀ کان وڌيڪ اتحاد جي ضرورت آهي. هن حاجي سڳورن کي پاڪستان جي سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ خصوصي دعا جي پڻ اپيل ڪئي. وقتي صدر حج جي لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي سعودي حڪومت جا ٿورا مڃيا. سينيٽ جي وقتي چيئرمين مرزا محمد آ??ريدي پڻ حاجي سڳورن ۽ سموري مسلمان امت کي ب??سعادت موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي.