اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان (اڄ) سوئٽزرلينڊ جو پرڏيهي وزير اگنازئيو ڪاسيس ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مطابق وزيراعظم ۽ سوئس پرڏيهي وزير جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ سوئٽزرلي??ڊ وچ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار جي مفاهمتي يادداشت تي ??حي??ن ڪيون وينديون. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پاڪستان ۾ ڊيزاسٽر منيجمنٽ کي بين الاقوامي معيار جهڙو بڻائڻ جي ويزن تحت پاڪستان ۽ سوئٽزرلي??ڊ وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي ??حي??ن هڪ اهم قدم آهي. مفاهمتي يادداشت تي ??حي?? کانپوءِ پاڪستان ۽ سوئٽزرلي??ڊ وچ ۾ قدرتي آفتن جي امڪاني نقصانن جي اڳڪٿي، فوري امدادي ڪاروائين ۽ بحالي جي قدمن ۾ سهڪار کي هٿي ملندي.