اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مستونگ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب نگران وزيراعظم مستونگ ڌماڪي ۾ جمعيت علماء?? اسلام جي اڳواڻ حافظ حمدالله سميت ٻين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته جمعيت علماء?? اسلام جي اڳواڻ تي حملو هڪ بزدلاڻو فعل آهي جنهن ??ي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته م??ن سميت پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.