نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آمريڪا جي دوري دوران اڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب نگر??ن وزيراعظم اڄ عالمي ترقياتي قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندو. نگر??ن وزيراعظم پائيدار ترقياتي هدفن تي اعليٰ سطحي سربراهي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندو. نگر??ن وزيراعظم جي ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان پڻ ملاقاتون متوقع آهن. نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پ??ران عالمي اڳواڻن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو.