نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل تحت سيڙپڪارن کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن، نار ملڪ پاڪس??ان جا وڏا حصيدار آهن، چين سي پيڪ تحت پاڪس??ان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، اسان جو بنيادي هدف پاڪس??ان ۾ شف??ف ۽ غيرجانبدراڻيون چونڊون منعقد ڪرائڻ آهي، معاشي مضبوطي سياسي استحڪام سان ڳنڍيل آهي، پاڪس??ان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، پاڪس??ان جي امن ڪوششن تي ڀارت منفي جواب ڏنو، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ زراعت ۽ ريلوي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽي آر ٽي ورلڊ کي خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جو وڏو هدف عالمي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ آهي. هن چيو ته چين پاڪس??ان جو هڪ بهترين ۽ اعتماد جوڳو دوست آهي، چين سي پيڪ تحت پاڪس??ان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، چين پاڪس??ان سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. نگران پرڏيهي وزير چيو ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون وڌڻ سان ملڪ ۾ ان جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل تحت سيڙپڪارن کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن، ايس آئي ايف سي تحت 5 وڏن شعبن ۾ سيڙپڪاري جا هدف مقرر ڪيا آهن. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته نار ملڪ پاڪس??ان جا وڏا حصيدار آهن، مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ نار ملڪن سان معاهدا ٿيندا. جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪس??ان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، پاڪس??ان ۾ دهشتگرد گروپ پاڙيسري ملڪن مان ڪاررواين ۾ مل??ث آهن، افغانس??ان ڪالعدم ٽي ٽي پي جي پاڪس??ان ۾ حملن تي ڪارروائي ڪر??، افغانس??ان پنهنجي سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال نه ڪرڻ کي يقيني بڻائي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن، عالمي برادري ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪر??. ڪشمير تڪرار جي حوالي سان ڀارت پاران گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي تي هن چيو ته پاڪس??ان جو موقف آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرشپ معيار تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هڪ ٻئي ايليٽ ميمبر جي اڀرڻ کي برداشت نه ٿا ڪر?? سگهون ڇو ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. نگران پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي خواهش موجب آزاداڻي ۽ منصفاڻي راءِ شماري ڪرائڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته ڪشمير گذريل ڪيترن ئي سالن کان جيل ۾ تبديل ٿي چڪو آهي ۽ انساني حقن جون وڏي پئماني تي خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن، اسان اميد ڪر??ون ٿا ته عالمي برادري ان جو نوٽيس وٺندي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته جي سي سي ملڪ پاڪس??ان جي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۽ توانائي سميت ٻين شعبن ۾ دلچسپي رکن ٿا، کاڻين جي کوٽائي ۽ توانائي ۾ جي سي سي ملڪن دلچسپي جو اظهارڪيو آهي. هن چيو ته جيستائين سيڙپڪاري جي ماحول جو تعلق آهي، مستقبل تمام روشن نظر اچي ٿو، اسان اميد ڪر?? رهيا آهيون ته جي سي سي ملڪن جا نمائندا هن مهيني پاڪس??ان جو دورو ڪندا جنهن ۾ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون وينديون. هن چيو ته پاڪس??ان جو سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر ۽ بحرين سميت جي سي سي ملڪن سان اقتصادي، سياسي، دفاعي ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن جي مختلف رخن سان گڏ انتهائي ويجهو تعاون آهي. هن چيو ته پاڪس??ان گڊ گورننس جو ماحول ٺاهڻ ۽ ڪر??شن ۽ اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ مضبوط قدم کنيا آهن ته جيئن سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول کي يقيني بڻائي سگهجي. روس يوڪرين تڪرار تي هن چيو ته پاڪس??ان جو موقف بلڪل واضح آهي يعني جنگ ڪنهن شيءَ جو آپشن نه آهي ۽ ان مسئلي کي پرامن ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن نشاندهي ڪئي ته ٻن سالن کان جاري صورتحال ٻارن ۽ خوراڪ جي کوٽ سان معاشي بحران پيدا ڪيو. چين سان لاڳاپن بابت هن چيو ته پاڪس??ان اقتصادي لنگهه منصوبي جي نتيجي ۾ زراعت سان انفراسٽرڪچر ۾ بهتري آئي ۽ اڳئين مرحلي طور تي ريلوي جي اپ گريڊيشن ٿيندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت پاران کنيل قدمن جي نتيجي ۾ معاشي ۽ سياسي استحڪام ايندو.