بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترق?? جي نئين مرحلي ۾ چين سان مختلف شعبن ۾ رابط?? ۽ ??عاون کي مضبوط بڻائيندو، غذائي تحفظ ۽ زراعت جهڙن شعبن ۾ نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ويندي، سڌارن، غربت جي خاتمي، تحقيق ۽ ترقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ چين جي ڪاميابين مان فائدو کڻنداسين، چيني ڪاروباري ادارن جي سيڙپڪار?? جي حوصلا افزائ?? جي لاءِ پاڪستان خصوصي سيڙپڪا??ي سهولت ڪائونسل کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار چيني ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين جي صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) کي ساراهي ٿو ۽ ان جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، پاڪستان چين جي ترق?? جي تجربي مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان بي آر آئ?? جي عظيم ويزن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪو اقتصادي ترق?? جي ذريعي امن ۽ خوشحالي آڻڻ جو مظهر آهي، پاڪستاني وفد جنهن ۾ اقتصادي، صنعتي، سيڪيورٽي ۽ ٻين شعبن جا اعليٰ عملدار شامل آهن، دور?? جي دوران چيني عملدارن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ ميڊيا سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه جو منتظر هو. بي آر آئي تحت چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي مثالي منصوب?? جي اهميت تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم چيو ته سي پيڪ سان وڏي ترقي ٿي آه?? ۽ ??ندس اباڻي صوبي بلوچستان جي لاءِ ترقي جا روشن امڪان پيدا ٿيا آ??ن. ??گران وزيراعظم چيو ته پاڪستان سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترق?? جي نئين مرحلي ۾ چين سان رابط?? ۽ ??عاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو، ??ين جي مدد سان غذائي تحفظ ۽ زراعت جهڙن شعبن ۾ نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائيندو ۽ ڪاروباري ادارن جي حوصلا افزائي ڪندو ته جيئن اهي واپار کي فروغ ڏئي سگهن ۽ چين سان ٻطرفي تعاون مان فائدو کڻي سگ??ن. ??ن چيو ته پاڪستان خصوصي سيڙپڪا??ي سهولت ڪائونسل کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو ته جيئن چيني ڪاروباري ادارن جي کاڻين جي کوٽائي، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪار?? جي لاءِ حوصلا افزائ?? ۽ ??نهن کي سهولت فراهم ڪ??ي سگهجي ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪاروبا??ي سرگرمين جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ٿين. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان چيني شهرين جي حفاظت کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ چيني شهرين جي لاءِ حفاظتي طريقيڪار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوام پاران هڪ ٻئ?? جي زبان ۽ ثقافت بابت ڄاڻڻ ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اميد جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان چين سان دوستي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته چين سان تعاون موقعن سان ڀرپور آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان سڌارن، ترقي، غربت جي خاتمي، تحقيق ۽ ترقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ چين جي ڪاميابين مان فائدو کڻندو ۽ چين سان تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. نگران وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ جي عالمي ترق?? جي قدمن، عالمي سيڪيورٽ?? جي قدمن ۽ عالمي تهذيب بابت قدمن کي ساراهيندي چيو ته اهو دنيا کي درپيش پيچيده عالمي چئلينجن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ طريقيڪار ۽ اهم محرڪ آهي.