بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته خصوص?? سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ به زراعت ??ي شعبي کي شامل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران بيان موجب اهڙن خيالن جو ا??هار هن چائنا آئل اينڊ فوڊ اسٽفس جي صدر لوآن رائيچينگ جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي زرعي شعبي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته خصوص?? سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ به زراعت ??ي شعبي کي شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستان نه رڳو زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي پر زرعي پيداوار جي پراسيسنگ ۽ روانگي واپار ۾ به اضافي جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. چائنا آئل اينڊ فوڊ اسٽفس (ڪوفڪو) جي وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو ا??هار ڪيو جنهن جي نگران وزيراعظم آج??ان ڪئي.