اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي ج?? خلاف سڀ??ڻي جمعي ڏينهن ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ڪارو ڏينهن ملهائيندا. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ترين باب لکيو ويو ان ڏينهن ڀارتي هٿياربند فوج سمورن عالمي اصول ۽ ضابطن ۽ قانونن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيندي واديءَ ڪشمير ۾ داخل ٿي. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان، آزاد ڪشمير ۽ مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ڪشميري ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني شهداءِ ڪشمير کي خراج عقيدت پيش ڪندا. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ج??سا جلوس ڪڍيا ويندا جڏهن ته پاڪستاني سفارتخانن ۽ ٻين سفارتي مشنز جي اهتمام ??يٺ مختلف تقريبن ۽ سيمينارز جو اهتمام ڪيو ويندو جن ۾ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ڪشميرين جي خودمختياري ج?? حق لاءِ بي مثال قربانين کي اجاگر ۽ ڀارت جي هٿان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي بي نق??ب ڪيو ويندو. پاڪستان خودمختياري ج?? حق جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪشميري عوام جي سدائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ڪئي آهي.