اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ۾ لوٽا ڪريسي جو خالق مريم صف??ر جو والد محمد نواز شريف آهي، گلگت بلتستان جي عوام پاران پي ٽي آءِ جي پذيرائي مان ثابت ٿي چڪو آهي ته گلگت بلتستان جو معرڪو پي ٽي آءِ هڻي چڪي آهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي وارن کان جي بي جي عوام پڇي رهي آهي ته 10 سالن ۾ جيڪي ڪجهه نه ڪري سگهي?? اهو آئنده گلگت بلتستان لاءِ ڇا ڪندا، مريم ۽ بلاول جون پارٽيون گلگت بلتستان جي عوا?? جي نظر ۾ ڪري چڪيون آهن، شڪست انهن جو مقدر بڻجي چڪي آهي، مخالف ڌر اڳواڻن جي گفتگو تي پنهنجي رد عمل ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ مريم صف??ر جي گلگت بلتستان ۾ خطاب ۾ روايت موجب سندن لهجو شڪست کاڌل ۽ انتهائي مايوس ڪندڙ هو، هنن پنهنجي تقرير ۾ لوٽن ۽ ڌانڌلي جو ذڪر ڪيو جيستائين لوٽن جو تعل?? آهي ته کين ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته سندس والد محمد نواز شريف لوٽا ڪريسي جو خال?? آهي جنهن جي پهرين فيڪٽري ڇانگامانگا تي لڳائي وئي، هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ گذريل 5 سال (ن) لگ جي حڪومت رهي، ناقص ڪارڪردگي تي خبر پئجي چڪي آهي ته شڪست توهان جو مقدر آهي.