اسلام آباد – 14 8211; جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گورننس ايڪشن ميٽرڪس جي حوالي سان اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي انتظامي معاملن جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته عوام جي رليف، ??ڪا??تن جي داخلا کان وٺي حل، کليل ڪچهرين منعقد ڪرڻ، مال کاتي بابت مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل، ون ??نڊ?? آپريشن جو قيام، سرڪاري آفيسن ۾ عوام جي سهولتڪاري ۽ مقامي سطح تي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدمن جو عملي طور تي نفاذ ٿي چڪو آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پ??جا?? ۾ گورننس جي بهتري کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڏي پئماني تي قدمن تي عملدرآمد جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ان ۾ تيزي آندي پئي وڃي، وزيراعظم کي خيبرپختونخوا ۾ به ??ڪا??تن جي وقت سر ازالي، ضم ٿيل ضلعن جي انتظاميه سان ڪوآرڊينيشن، روزمره جي استعمال جي شين جي قيمتن جي ڪڙي نگراني ۽ ان جي نتيجي ۾ صوبي ۾ اٽي جي قيمت ۾ واضح گهٽتائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو.