ڪراچي – 14 فيبروري (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي ۾ مخ??لف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سنڌ مان سينيٽ جون 10 سيٽون ڪڍڻ جي دعويٰ هارس ٽريڊنگ جو اعتراف آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سينيٽ چونڊن تي ڏنل بيان تي وڊيو پيغام ۾ پنهنجو ردعمل ڏيندي ڪيو. حليم عادل شيخ اعترافي بيان تي سپريم ڪورٽ کان ان جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. مخ??لف ڌر اڳواڻ وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي خواب ۾ ڇيڇڙا ??ظر اچي رهيا آهن، گذريل سينيٽ چوندن ۾ سنڌ جي عوام جو پئسو ڦريو ويو هو، پيپلزپارٽي خيبرپختونخواهه ۾ نوٽن جي ڳٺڙين سان ووٽ خريد ڪيا هئا. حليم عادل شيخ چيو ته اسان چاهيو پئي ته چونڊون اوپن راء?? شماري تي ڪيون وڃن پيپلزپارٽي سدائين مخ??لفت ڪئي آهي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي غريب عوام جو پئسو هي ماڻهو سينيٽ چونڊن تي لڳائڻ چاهين ٿا.