اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته فنڪار ملڪ جو مثبت تاثر اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، فنڪارن جي ??لائي ۽ وقت سر مالي مدد لاءِ رقم جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي، فنڪارن کي مالي امداد جي فراهمي جي لاءِ اهليت جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هو آرٽسٽ ويلفيئر فنڊ جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي 11 هين اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربي??، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير شفقت محمود، قومي ورثي ۽ ثقافت واري سيڪريٽري نوشين جاويد امجد ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيراه شاهد ۽ ڪميٽي جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر چ??و ته فنڪارن جي ??لائي ۽ وقت سر مالي امداد لاءِ رقم جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي، فنڪارن کي مالي امداد جي فراهمي لاءِ اهليت جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي.