اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وف??قي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وف??قي ڪابينا براڊ شيٽ معاملي تي جاچ جي حوالي سان ڪميٽي بدران ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع تحت ڪميشن جوڙڻ تي اتفاق ڪيو آهي، انڪوائ??ي ڪميشن براڊ شيٽ معاملو سامهون اچڻ تائين جي مدي جي جاچ ڪندي، ڪميشن ڪنهن به شخص يا اداري کي طلب ۽ دستاويز حا??ل ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، ڪابينا ڪورونا ويڪسين جي درآمد جي حوالي سان نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت پاران سفارشن جي منظوري ڏني، ڪابينا 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڀپرور طريقي سان ملهائڻ جي عزم کي ورجايو، سينيٽ جون چونڊون شفاف انداز سان ??را??ڻ جي لاءِ اوپن بيلٽ اليڪشن جي لاءِ ضرورت پئي ته آئيني ترميم به ڪئي ويندي.