صوابي – 14 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قي??ر چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ پهريون ڀيرو محروم علائقن کي نمائندگي ملي آهي، مخالف ڌر کلي دل سان سينيٽ چون??ن جي نتيجن کي تسليم ڪري. باجا ۾ اسڪول ۽ گئس منصوبي جي افتتاحي تقريب جي وڏي مي?? کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته مخالف ڌر حڪومت سان عوامي ڀلائي جي قانونسازي ۾ تعاون ڪري. سينيٽ ۾ اوپن بيلٽ جو اسان جو مطالبو 2013ع کان هو. اسان ڀرپور ڪوشش ڪئي ته سينيٽ چونڊن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي ڪريون. مخالف ڌر جيڪڏهن اوپن بيلٽ جو اسان جو مطالبو مڃ?? وٺي ها ته اڄ ڪنهن کي نتيجن تي خدشا نه هجن ها. صادق سنجراڻي ۽ مرزا آفريدي بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي محروم??ن جو ازالو ڪندا. پارليامينٽرينز سان جيڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو ان جي لاءِ سينيئر پارليامينٽرينز جي ڪائونسل قائم ڪئي آهي. سينيئر پارليامينٽرينز ڪائونسل قائم ڪرڻ جو مقصد پارليامينٽ جي وقار کي برقرار رکڻ آهي. تعليمي سڌارا اسان جي اهم ايجنڊا آهي جنهن تي 2013ع کان ڪم جاري آهي.