اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت اليڪشن (ٽئين ترميم) آرڊيننس 2021ع تي ص??يحون ڪري ڇڏيون. آرڊيننس جي مدد سان اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 72 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ايوان صدر جي م??ڊيا ونگ موجب آرڊيننس تحت چونڊيل ميمبرن کي اجلاس جي پهرين ويهڪ جي 60 ڏينهن جي اندر حلف کڻڻو پندو، ميمبرن کي آرڊيننس لاڳو ٿيڻ جي 40 ڏينهن جي اندر حلف کڻڻو پوندو. آرڊيننس ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ، اسيمبلي يا مقامي حڪومت جي لاءِ چونڊيل ميمبرن جي سيٽ وقت تي حلف نه کڻڻ جي صورت ۾ خالي ٿي ويندي.