اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان سان نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزير سيد فخر امام ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم کي ڪپهه، ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ مڪئي جي فصل ج?? پيداوار جي حوالي سان هن وقت تائين جي حوصلا افزا رجحانن جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 30 سيپٽمبر 2021ع تائين پاڪستان ڪپهه ۾ 38.5 ملين ڳٺڙين ج?? پيدوار ح??صل ڪئي آهي، جڏهن ته گذريل سال انهي مدي دوران 27 ملين ڳٺڙيون ح??صل ٿيون،
وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسان ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ مڪئي ج?? پيداوار ۾ گذريل سال ج?? پيداواري انگ اکر ترتيب وار 27.5 ملين ٽن، 8.4 ملين ٽن، 81 ملين ٽن ۽ 8.4 ملين ٽن کان اڳتي وڌڻ جي راهه تي گامزن آهيون. وزيراعظم خوراڪ واري وزارت جي ڪارڪر??گي کي ساراهيو جيڪا انب ۽ ليمون ميوون (سٽرس فروٽ) جي برآمد ۾ رڪارڊ برآمدي هدف ترتيبوار 150 هزار ??ن ۽ 463 هزار ??ن ح??صل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم زراعت جي شعبي ۾ تاريخي واڌ نمو ۽ برآمدي هدفن کي ح??صل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو.