اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوبي جي ضم ٿيل ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، ??بائلي علائقن کي ترقي ڏيڻ وزيراعظم جو ويزن آهي، ??اٽا ضم ٿيڻ تي علائقي واسين جي جذبن کي سمجهون ٿا، ڏسڻو اهو آهي ته ڪهڙي طرح اڳتي وڌنداسين. پارليامينٽ ه??ئوس ۾ قبائلي چڱن مڙسن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن قبائلي چڱن مڙسن جو پارليامينٽ ه??ئوس اچڻ تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته قبائلي عوام جي پاڪستان جي لاءِ وڏيون قربانيون آهن ڇو ته اتي جي عوام هڪ جنگ مان نڪري آئي آهي، ??ن چيو ته اسان فاٽا جي ترقي کي پوري پاڪستان جي ترقي سمجهون ٿ??، قبائلي چڱن مڙسن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ صورتحال کي سمجهڻ ۾ مدد ملي آهي، ??ن چيو ته قبائلي ضلعن کي ترقي ڏيڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، ??اٽا جي ترقي ۽ بحا??ي جي لاءِ پارليامينٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان پوري ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ضم ٿيل قبائلي علائقن جي عوام کي انهن جو حق ملي سگهي.