اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان س??ڙپ??اري کي متوجهه ڪرڻ ۾ متحده عرب امارات جي ماڊل تي عمل ڪرڻ چاهي ٿو، گوادر بندرگاهه وچ ايشيا جي رياستن کي ويجهو آهي اهو عالمي واپار لاءِ هڪ اضافو آهي، ۽ متحده عرب امارات جي جبل علي پورٽ جو ڪم ڪري ره?? آهي، اها ان کي سگهه ڏيندي، ٻئي بندرگاهون هڪٻئي کي مضبوط بڻائي سگهن ٿيون. امارات نيوز ايجنسي کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ صدر چيو ته گوادر پورٽ مئي 2021ع ۾ مڪمل طور تي آپريشنل ٿي ويو آهي ۽ 50 هزار ڊيڊ ويٽ بلڪ ڪيريئرز کي سنڀالڻ جي صلاحيت رکي ٿو، متحده عرب امارات جي وزيراعظم شيخ محمد سان ??نهنجي ملاقات ۽ پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 50 هين سالگرهه جي باري ۾ ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته ان سان ??لي خوشي ٿي، دنيا ۾ دبئي جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، دبئي ڪاروبار کي سٺي طرح سمجهي ٿو، هن وٽ محدود وسيلا هئا پر ان سڄي دنيا جي وسيلن کي پنهنجي طرف متوجهه ڪيو، صدر ٻڌايو ته هن مون کي پنهنجو ڪتاب ”منهنجي ڪهاڻي“ ڏنو جيڪو اردو ۾ آهي ۽ آئون ان کي ضرور پڙهندس ڇ??ڪا?? جو مون ان جي سوانحه عمري ۾ دلچسپي رکان ??و ته هن ڪهڙي طرح تبديلي جي قيادت ڪئي ۽ پوءِ توهان ??نهنجي ملڪ کي نئين بلندين تي وٺي ويو، اهو دبئي ۽ متحده عرب امارات جو هڪ انوکو تجربو آهي ۽ اهو اسان ??اڪستان ۾ به ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته متحده عرب امارات سان ??اڳاپن ۾ گذريل سالن ۾ زبردست بهتري آئي آهي، اسان جي لاڳاپن جو بنياد مضبوط آهي، جيڪا ڀائيچاري ۽ هڪ گڏيل مذهب تي ٻڌل آهي، متحده عرب امارات ۽ پاڪستان سدائين امن جي ڪوشش ڪئي آهي، صدر عارف علوي وضاحت ڪئي ته سندس ملڪ ان طريقي سان تمام گهڻو سکي سگهي ٿو، جهڙي طرح متحده عرب امارات پاڻ کي دنيا ۾ س??ڙپ??اري ۽ واپاري مرڪز طور تي پيش ڪيو آهي، پاڪستان ??تحده عرب امارات وانگر هڪٻئي ڪاروباري ڊومين ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ره??و آهي، جيئن ته اسان ??ٽ خصوصي اقتصادي ۽ برآمدي زونز آهن جتي صنعتي س??ڙپ??اري جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، اسان ??ٽ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي به آهي، جتي ماڻهو سرمايو لڳائي سگهن ٿا ۽ حڪومت ان ڳالهه جي ضمانت ڏي ٿي ته توهان ??نهنجو سرمايو ۽ منافعو ڪڍي سگهو ٿا، ڪو ٽيڪس نه آهي ۽ اها س??ڙپ??اري جي جنت آهي، صدر متحده عرب امارات جي مدد سان تعليم کي بهتر بڻائڻ، عورتن ۽ تازن ڄاول ٻارن جي صحت جو خيال رکڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڊجيٽل معيشت ۾ شموليت لاءِ قدم کڻي ره??و آهي.