اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ ڇنڇر تي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب ويندو. دوري دوران وزيراعظم سعودي قيا??ت سان پنهنجي ٻطرفي ڳالهه ٻولهه، پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان تقريب ۽ وچ اوڀر گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اڄ ڇنڇر تي سعودي عرب جو ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿيندو.
وزيراعظم عمران خان ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز جي دعوت تي سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم سان ??ڏ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ڪابينا جي ٻين ميمبرن سميت اعليٰ سطحي وفد به هوندو. وزيراعظم عمران خان وچ اوڀر گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو، جتي هو ماحولياتي تبديلين جي ڪري اسرندڙ ملڪن کي درپيش مسئلن تي موقف پيش ڪندو، وزيراعظم ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ فطري حل بابت پا??ستان جي تجربن کي به اجاگر ڪندو. اهو سربراهه اجلاس ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جو قدم آهي، وچ اوڀر خطي جي حوالي سان ان قسم جو اهو پهريون اجلاس آهي، اهو گرين سعودي عرب ۽ گرين وچ اوڀر قدم آهن جيڪي ولد عهد مارچ 2021ع ۾ شروع ڪيو جنهن جو مقصد قدرت ۽ زمين جو تحفظ آهي.
وزيراعظم عمران خان انهن ٻنهي قدمن جي آجيان ??ئي هئي ۽ پا??ستان جي سرسبز ۽ صاف پا??ستان ۽ وزيراعظم جي 10 ارب ٽري سونامي جي تجربن کان آگاهه ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي، وزيراعظم عمران خان سعودي قيا??ت سان ٻطرفيون ڳالهيون ڪندو جنهن ۾ سعودي عرب ۾ پا??ستانين جي ڀلائي ۽ بهتري، پا??ستاني پورهيتن لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، معاشي ۽ واپاري لاڳاپن تي اڳڀرائي تي ڌيان ??نو ويندو. ڌريون علائقائي ۽ عالمي معاملن جي باري ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم عمران خان دوري دوران پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان تقريب ۾ به شرڪت ڪندو. سعودي عرب ۾ پا??ستاني برادري سان تعلق رکندڙ مشهور سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو،
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا، گڏيل عقيدا، تاريخي ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل لاڳاپا آهن. سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پا??ستاني رهندڙ آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ سميت مسلسل اعليٰ سطحي رابطن، مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن، وزيراعظم عمران خان جي دوري سان پا??ستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو.