اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معذور ماڻهن جو خصوصي خيال رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي ذميداري آهي ته انهن جي لاءِ خصوصي ڪوششون ڪري ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪري، کين معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ لاءِ تعليم ۽ ملازمتن ۾ ٻين شهرين جي بر??بر ۽ سازگار موقعا فراهم ڪيا وڃن، معذور ماڻهن کي مالي ??ور تي خودمختيار بڻائڻ ۽ پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ هنر ۽ تربيت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آه??، احساس پروگرام ۾ 4 لک خصوصي ماڻهن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي حوالي ??ان ايوان صدر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو موضوع ڪورونا وائرس جي وبا کانپوءِ دنيا ۾ معذور ماڻهن جي شموليت، رسائي ۽ پائيداريت جي حوالي ??ان قيادت ۽ حصيداري هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خصوصي ٻارن جي حوالي ??ان اسان کي پنهنجي ذميدارين کي سمجهڻو پوندو، خصوصي ٻارن کي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، خصوصي ماڻهن جا چار قسم آهن، انهن ۾ ٻڌڻ، ڏسڻ، عام جسماني معذوري ۽ ذهني معذوري شامل آهن، ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ عام جسماني معذور ماڻهو ٻين شهرين جي بر??بر ذهين هوندا آهن، هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي معاملن تي معاشري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، معاشري جي ذميداري آهي ته ان جي لاءِ خصوصي ڪوششون ڪري ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪري. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ 10 کان 12 سيڪڙو ماڻهو خصوصي هوندا آهن، هن چيو ته بازارن ۽ عوامي هنڌن تي خصوصي ماڻهن جي لاءِ ر??مپ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هر جڳهه تي خصوصي ماڻهن لاءِ ر??مپ بڻائڻ گهرجن، هاڻي هر عمارت ۾ ريمپ لازمي ٺاهڻا پوندا، اسلام آباد ۾ سي ڊي اي بازارن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ر??مپ ٺاهيا آهن، صدر چيو ته جيڪي خصوصي ماڻهو تعليم حاصل نٿا ڪريس گهن انهن سکيا فراهم ڪئي پئي وڃ??، استادن کي خصوصي ٻارن جي تعليم جي حوالي ??ان تربيت فراهم ڪرڻ گهرجي. خصوصي ٻارن کي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺڻ کان نٿو روڪي سگهجي، هر اسڪول ۾ خصوصي ٻارن جي لاءِ استاد موجود هجڻ گهرجن، هن چيو ته ڪراچي ۾ ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهو ريسٽورينٽ هلائي رهيا آهن، اين جي اوز خصوصي ماڻهن کي تربيت فراهم ڪري، هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي نوڪرين جا موقعا به فراهم ڪرڻ گهرجن. صدر چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر خصوصي ماڻهن جي لاءِ خصوصي قدم کنيا، بئنڪن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ر??مپ ٺاهيا ويا آهن ۽ خصوصي ڪائونٽر به قائم ڪيا ويا آهن، هن چيو ته احساس پروگرام ۾ 4 لک خصوصي ماڻهن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي ۽ کين 2 هزار روپيا ماهوار وظيفو ڏنو پيو وڃي، معذور ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي. هن چيو ته نئين آدم شماري سان معذور ماڻهن جا درست انگ اکر سامهون ايندا ۽ ان سان بهتر پاليسي سازي ۾ مدد ملندي. انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اهو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد خصوصي ماڻهن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ ۽ کين حقن جي فراهمي طرف دنيا ۽ حڪومتن جو ڌيان ڇڪرائڻ آهي، حڪومتن جي ذميداري آهي ته هو خصوصي ماڻهن کي بر??بر موقعا ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم ۽ قانون سازي ڪن، موجوده حڪومت خصوصي ماڻهن کي انهن جا حق ڏيڻ لاءِ قانوسازي ڪئي آه??، انهن جي لاءِ نوڪرين ۾ ڪوٽا مختص آهي، جيڪي ادارا ان ڪوٽا تي عمل نه ڪري رهيا آهن انهن جي فهرست جوڙي ورتي آهي، خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين ۾ ڪوٽا وڌايو وڃي،هن چيو ته انساني حقن واري وزارت خصوصي ماڻهن جي معلومات تائين پهچ ۽ سهولت لاءِ موبائيل ايپ جاري ڪئي آهي جنهن جي ذريعي هو آن لائين درخواستون ڏئي سگهن ٿا، ون ونڊو آپريشن جي لاءِ چڪ شهزاد ۾ ون ونڊو آپريشن سينٽر قائم ڪيو ويو آهي اسلام آباد جي سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ خصوصي ماڻهن جي تعليم جي حوالي ??ان تعليم واري وفاقي وزارت سان معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن، خصوصي ماڻهن جي خلاف سائزبر ڪرائيم ۽ گهريلو تشدد جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، خصوصي ماڻهن کي عام شهرين جي بر??بر حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، سي بي ايم جي ڪنٽري ڊائريڪٽر سيد محمد علي ??اهه چيو ته معاشري جي ذميداري آهي ته خصوصي ماڻهن جي سمورن شعبن ۾ بر??بر شرڪت يقيني بڻائي.