اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ انساني الميو هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌي رهيو آهي، س??د موسم ۾ افغانست??ن جا ماڻهو بدترين انساني بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن، 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ افغانست??ن جي اندر انساني الميي جي صورتحال تي ڌيان ڏنو ويندو، اس??ن جي ڪوشش آهي ته سعودي عرب سميت ٻين ڀائر ملڪن سان گڏجي اهڙو ميڪنزم جوڙيو وڃي جنهن سان افغانست??ن جي ماڻهن جي مدد ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي سفارتخاني جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان افغانست??ن جي هر ممڪن مدد ڪري رهيو آهي. اسان ٻه لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ افغانستان کي فراهم ڪري رهيا آهيون، ??اڪستان افغانستان کان درآمد ڪيل 40 شين تي ڊيوٽي ختم ڪئ?? آهي، ان قدم سان افغانست??ن جي ڪاروباري ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس بنيادي طور تي غير سياسي اجلاس هوندو جنهن ۾ صرف افغانست??ن جي انساني همدردي جي بنياد تي مدد تي ڌيان ڏنو ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته اس??ن جي ڪوشش آهي ته دنيا افغانست??ن جي مدد لاءِ گڏجي ويهي، افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ”دي اڪانومسٽ“ گذريل مهيني پنهنجي رپورٽ ۾ افغانست??ن جي اندر انساني الميي جو ذڪر ڪيو جيڪو يمن، شام ۽ عراق کان وڏو ٿي سگهي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ اسان کي افغانست??ن جي عوام جي مدد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته اسان سياست تي بعد ۾ به ڳالهه ڪري سگهون ٿا پر افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي تي ڳالهه ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪري سگهون. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين افغانستان ۾ امن جي ڳالهه ڪئ?? آهي، اس??ن جي حڪومت افغانستان ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن ٻڌايو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس 1980ع کانپوءِ پاڪست??ن جو سڀ کان وڏو پرڏيهي معاملن جو ايونٽ هوندو. جنهن۾ 27 ملڪن جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا جڏهن ته 84 ملڪن جي نمائندگي هوندي. چوڌري فواد حسين چيو ته سعودي عرب سان اس??ن جا ڀائراڻا لاڳاپا پاڪستان ٺهڻ کان پهرين جا قائم آهن، جڏهن سعودي عرب جو شاهه عبدالعزيز 1946ع ۾ ڪراچي آيو ته آل انڊيا مسلم ليگ جي قيادت سندس استقبال ڪيو جنهن ۾ مرحوم ايم اي ايڇ اصفهاني به شامل هو.