اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شير شاهه پراچا چوڪ ڪراچي ۾ ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي زيان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر عالمگير خان جي والد ۽ ٻين فوت ٿ??ندڙن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ و??يراعظم عمران خان شير شاهه پراچا چوڪ ۾ ٿيندڙ ڌماڪن جي متاثرين جي خاندانن سان تعزيت ۽ انهن جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته کيس خاص طور تي اهو ٻڌي افسوس ??يو ته انهن ڌماڪن ۾ اسان جي قومي اسيمبلي ميمبر عالمگير خان جو والد به فوت ٿ?? ويو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ عالمگير خان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو ڏي.