اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منافعي خوري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن سان ڪا نرمي نه ڪئي ويندي، آبادگارن کي ڀا?? جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. زيراعظم ملڪ ۾ ڀا?? جي طلب ۽ پهچ جي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڀا?? جي ذخيره اندوزي ربيع سيزن جي لاءِ فصل جي پيداوار کي بري طرح متاثر ڪري سگهي، ان لاءِ آبادگارن کي ڀا?? جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته آبادگار پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، پي ٽي آءِ جي حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ??بادگار دوست پاليسيون متعارف ڪرايون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته يوريا جي کوٽ بابت افواهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ موثر عوامي آگاهي مهم هلائي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل هفتي دوران اٽڪل 19 ه??ار ميٽرڪ ٽن روزانو ڀا?? جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو ۽ وڌيڪ ه??ار ميٽرڪ ٽن روزانو اضافو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪابينا چين کان هڪ لک ميٽرڪ ٽن يوريا جي درآمد جي منظوري موجوده عالمي مارڪيٽ ريٽ کان اٽڪل اڌ قيمت تي ڏني آهي. اسمگلنگ جي خاتمي جي قدمن جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب، خ??برپختونخواهه ۽ بلوچستان جون صوبائي حڪومتون يوريا جون 92 ه??ار 845 ٻوريون ضبط ڪيون آهن، جيڪي اسمگل ڪيون پئي ويون. صنعت واري وزارت ۾ هڪ فعال مانيٽرنگ سيل ڀا?? جي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ ان يوريا جو پتو لڳائڻ ۽ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، مخدوم خسرو ??ختيار ۽ سيد فخر امام، ملڪتي وزير فرخ حبيب، ڊاڪٽر شهباز گل، فرٽيلائيزر مينوفيڪچرنگ ڪمپنين جي ايگزيڪيوٽو ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا چيف سيڪريٽري وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.