اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته اسان کي آبي وسيلن جي حوالي سان درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي، جاگرافيائي، سياسي، اقتصادي ۽ ماحولياتي ڳالهين کي سامهون رکندي موثر قدم کڻڻا پوندا. هن اها ڳالهه آبي سفارتڪاري جي حوالي سان ماهرن جي ورڪنگ گروپ جي ??هر??ن اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. انڊس واٽر ڪمشنر مهر علي شاهه، پاڻي معاملن جي ماهرن شرمين طارق، توانائي، پاڻي ۽ پائيداري پ??وگ??ام جي ريسرچ اينالسٽ فروا عامر ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ورڪنگ گروپ جو اجل??س آبي سفارتڪاري بابت چئلينجز ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر لائحه عمل جوڙڻ جي حوالي سان غور ويچار لاءِ منعقد ڪيو ويو. پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪ??تان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي پاڻي جي شديد کوٽ جو شڪار آه??، زرعي ملڪ هجڻ جي ناطي اسان جي زرعي معيشت لاءِ پاڻي وسيلن جي دستيابي انتهائي اهميت واري آه??، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي آبي وسيلن جي حوالي سان درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي، جاگرافيائي، سياسي، اقتصادي ۽ ماحولياتي ڳالهين کي نظر ۾ رکندي موثر قدم کڻڻا پوندا.