اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سم??ڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، حڪ??مت سم??ڊ پار پاڪستانين جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ انهن جي سرمائي جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پاڪستان ايسوسيئيشن دبئي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ايسوسيئيشن جو چيئرمين ڊاڪٽر ضياءَ الحسن، پاڪستان ايسوسيئيشن دبئي جو صد?? ڊاڪٽر فيصل اڪرام ۽ ممتاز مسلم شريڪ هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي دبئي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حڪ??مت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري سيڙپڪاري ۾ دلچسپي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن نه رڳو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي چونڊن ۾ راءِ جو حق ڏيڻ جي فراهمي پر رقمن جي منتقلي لاءِ روشن ڊيجيٽل اڪ??ئو??ٽ ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قدمن تي حڪ??مت کي خراج تحسين پيش ڪيو.