اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ وڌيڪ صلاحيت وارن شعبن کي م??اع??ون ڏئي رهي آهي، صنعتي ۽ آءِ ٽي شعبي جي ترقي جي لاءِ حڪومت تا??يخي پئڪيج ڏنو، حڪومت ملڪي نظام ۾ ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ سهولت وڌائڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي سڌارا متعارف ڪرايا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ترجيحي شعبن ت??ت آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڏني ويندڙ م??اع??ن تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزي??اع??م چيو ته باصلاحيت نوجوان فري لانسرز کي سهولتن جي فراهمي سان پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ممڪن ٿيندو، ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ت??جيحن ۾ شامل آهي. اجلاس کي آءِ ٽي اسٽارٽ اپس، صنعتي شعبي ۽ موجوده آءِ ٽي ڪمپنين جي لاءِ موجوده حڪومت جي ڏني ويندڙ سهولتن کي لاڳو ڪرڻ تي تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزي??اع??م جي تا??و ئي ڏنل انڊسٽريل ۽ آءِ ٽي شعبي جي پئڪيج تي عملدرآمد تيزي سان جاري آهي، ملڪ ۾ فري لانسرز جي انگ ۾ حڪومتي قدمن جي ڪري تمام گهڻو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، تا??و اعلان ڪيل سهولتن جي ڪري ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. فري لانسرز جي ون اسٽيپ رجسٽريشن پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ پورٽل تان يقيني بڻائي وئي آهي جنهن جي فيڊرل بورڊ آف روينيو کان رجسٽريشن پاڻ ئي ٿي ويندي. ان کانسواءِ فري لانسنگ جي ذريعي ٻاهرئين ملڪ مان حاصل ڪيل رقم جي پاڪستان ۾ آساني سان پهچ جي لاءِ بئنڪنگ چينلز تا??ين پهچ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ترجيحي بنيادن تي قدم يقيني بڻائي رهي آهي. ان کانسواءِ آءِ ٽي ڪمپنين کي حڪومت پاران ڏنل ٽيڪس تي ڇوٽ مان فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ پڻ نظام جلد ٺاهيو ويندو. وڌيڪ اهو ته ڪمرشل بئنڪن ذريعي منظور ٿيل سهولتن ۽ م??اع??ن جي يقيني فراهمي جي لاءِ پڻ باقاعده رهنمائي جلد فراهم ڪئي ويندي. وزي??اع??م حڪومت پاران اعلان ڪيل سهولتن ۽ م??اع??ن جي فري لانسرز ۽ آءِ ٽي ڪمپنين ۽ صنعتن کي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد جي هدايت ڪئي،. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، حماد اظهر، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو.