اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايسوسيئي?? ڊگري رکندڙ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي هايئر ايجوڪيشن ۾ اڳتي وڌائينداسين، تعليمي شعبي ۾ جدت سان ملڪ ترق?? جي منزل طئي ڪندو جڏهن ته قدر جي بنياد تي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ٿيندو، دنيا کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائبر سيڪيورٽي ۾ هنرمند ۽ تربيت يافته ماڻهن جو وڏو انگ گهربل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪامسيٽس يونيورسٽ?? جي 13 هين ڪانووڪيسن کي بطور چانسلر خطاب ڪندي ڪيو. ڪانووڪيشن ۾ سائنس ۽ ٽيڪانلاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، يوينورسٽ?? جي ريڪٽر پروفيسر محمد تبسم اف??ل، تعليمي ماهرن، يونيورسٽ?? جي مختلف شعبن جي سربراهن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر ي??نيورسٽ?? جي بهترين ڪارڪردگي ۽ ملڪي ۽ عالمي سطح تي رينڪنگ تي ريڪٽر، استادن ۽ شاگردن کي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته اخلاقيات کانسواءِ علم جو ڪو فائدو نه آهي، اسان جي معاشر?? جي خوبصورتي اسان جا قيمتي قدر آهن، شاگرد ماءُ پيءُ جي تربيت جي ڪري هيستائين پهتا آهن، ڪائنات جو علم وسيع آهي، شاگردن کي علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ دنيا ۾ تمام گهڻن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته ڪامسيٽس جو ڳاڻيٽو بهترين يونيورسٽين ۾ ٿئي ٿو، شاگرد اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم ڏيارڻ تي والدين جا ٿورا مڃين، ملڪي ترق?? جي لاءِ علم حاصل ڪرڻ ضروري آهي، زمانو تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي، نوڪري حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي ڳالهه ٻين تائين پهچائڻ جي لاءِ ڪميونيڪشن اسڪلز اهميت رکي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا کي 2030ع تائين 80 ملين سائبر سيڪيورٽي ماهرن جي ضرورت آهي، وزيراعظم آءِ ٽي تان ٽيڪس ختم ڪيو آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ورچوئل يونيورسٽي 22 لک نوجوانن کي ڊيجيٽل اسڪلز ڏنا اهن، ضروري آهي ته هيومن ريسورس جو انگ وڌايو وڃي جڏهن ته هن چيو ته فيصلاسازي ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ايندڙ خال کي گهٽ ڪرڻ گهرجي. ڪانووڪيشن ۾ يونيورسٽ?? جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد تبسم افضل ڪامسيٽس يونيورسٽ?? جي مجموعي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. ان کان اڳ يونيورسٽ?? جي چانسلر صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڪلٽي ميمبرن سان گڏ ڪانووڪيشن هال ۾ داخل ٿيو جتي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ يونيورسٽ?? جي استادن بيهي سندس شاندار آجيان ڪئي. صدر نمايان پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ميڊل ?? ڊگريون پڻ ورهايون.