اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مخا??ف ڌر ناڪام آهي، اها پهرين به ناڪام ٿي هاڻي به ناڪام ٿيندي، ان جي ايجنڊا رڳو پنهنجي ڦرلٽ ۽ چوري کي بچائڻ آهي، مخا??ف ڌر ??ٽ نمبر پورا نه آهن، شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري فالودي واري، پاپڙ واري ۽ مقصود چپڙاسي جهڙن ڪردارن کي بچائڻ چاهين ٿا. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام سان ان??ن جو ڪو به تعلق نه آهي. عوام جي لاءِ ان??ن جي ڪا به جدوجهد نه آهي، 40 سالن کان اهي ملڪ کي ڦريندا رهيا آهن، هاڻي به هو اهڙي طرح جي بليڪ ميلنگ ڪري رهيا آهن، اسان نه اڳ ۾ مخا??ف ڌر کان بليڪ ميل ٿيا آهيون ۽ نه هاڻي انهن کان بليڪ ميل ٿينداسين لکي وٺو. انهن کي ناڪام ٿيڻو آهي، وزيراعظم عم??ان خان جي سڄي صورتحال تي گهري نظر آهي ۽ فيصلا به ڪندو، جن??ن جو نظريو ڦرلٽ ۽ ڪرپشن جو پئسو بچائڻ هجي ان مخا??ف ڌر مان حڪومت کي ڪو به خطرو نه آهي، پي ٽي آءِ جي ميمبرن جا خدشا ختم ڪنداسين. اهي اڳ ۾ به عم??ان خان سان گڏ هئا ۽ هاڻي به گڏ آهن. موقف سان اختلاف ٿي سگهي ٿو اسان سڀني جو موقف ٻڌنداسين ۽ خدشن کي ختم ڪنداسين. وقت ايندو ته مخا??ف ڌر جي حمايت ڪندڙ اميدوارن جو انگ سامهون اچي ويندو.