اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم عمرا?? خان چيو آهي ته عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌڻ جي باوجود عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي وڏي سبسڊي ڏئي رهي آهي، اهي قدم اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت نه کنيا، موجوده سياسي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ کي عوام جو اعتماد حاصل آهي، ميمبر پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪن ۽ انهن جا مسئلا فوري حل ڪرائين. ??زي??اعظم عمرا?? خان سان قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ شير اڪبر خان، سليم الرحمان، ظل هما، چوڌري عامر سلطان چيما، ملڪ عمر اسلم خان، عثما?? خان ترڪئي، ارباب عامر ايوب، عمران خٽڪ، جاويد اقبال وڙائچ، عبدالمجيد خان نيازي ۽ نياز احمد جهڪڙ شريڪ ٿيا جڏهن ته خاص معاون ملڪ محمد عامر ڊوگر پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ميمبرن ??زي??اعظم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عوامي ڀلائي جي لاءِ انقلابي قدم کنيا آهن، ڪامياب پاڪستان پروگرام جي ذريعي نوجوانن، عورتن، غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جي لاءِ بن?? وياج قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، احساس پروگرام تحت رعايت راشن، تعليمي وظيفن، ايمرجنسي ڪيش، ماءُ ۽ ٻار جي واڌويجهه، خصوصي ماڻهن جي ڪ??ال??، پناهگاهن ۽ عورتن جي لاءِ سينٽر ٺاهي?? ويا آهن. ??زي??اعظم چيو ته عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌڻ جي باوجود عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي وڏي سبسڊي ڏئي رهي آهي، هي اهي سمورا قدم آهن جيڪي اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت نه کنيا، موجوده سياسي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ کي عوام جو اعتماد حاصل آهي. ??زي??اعظم قومي اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪرڻ ۽ انهن جا مسئلا فوري حل ڪرائڻ جي تلقين ڪئي.