اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سومر تي هتي اسلامتي ترقياتي بئنڪ گروپ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر ملاقات ڪئي جيڪو اسلامي تع??ون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان آيل آهي، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان سان پراڻي ۽ قابل اعتماد حصيداري، توانائي، ماليات، مواصلات، تعليم ۽ صحت جهڙن مختلف شعبن ۾ ان جي مدد جو اعتراف ڪيو، هن ڪووڊ – 19 ويڪسين جي خريداري لاءِ پاڪستان سان تع??ون کي به ساراهيو جنهن ويڪسين کانسواءِ رهجي ويندڙ آبادي تائين پهچ لاءِ قومي ويڪسينيشن مهم ۾ تمام گهڻو تع??ون ڪيو، ڊاڪٽر الجاسر وزيراعظم کي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پروگرامن جي باري ۾ بريفنگ ڏني جنهن ۾ افغانستان هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ کي فعال ڪرڻ به شامل ??هي جيڪوا فغان عوام جي انساني ۽ معاشي امداد جي ضرورت جي پيش نظر 19 ڊسمبر 2021ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي تع??ون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ قائم ڪيو ويو هو، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان اسلامي ترقياتي بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي تمام گ??ڻي اهميت ڏي ٿو ۽ مسلسل تع??ون ۽ لاڳاپا وڌائڻ جو منتظر آهي.