اسلام آباد – 21 –; مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان سان ڪائونسل آف منسٽرز جي ڊ??ٽي چيئرپرسن ۽ بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا تر??وو??چ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير ترڪويچ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي، وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات دوران بوسنيا ۽ هرزيگووينا سان پاڪستان جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران افغانستان، ڄمون ۽ ڪشمير ۽ اسلامو فوبيا سميت سلامتي ۽ ٻين علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بوسنيا جي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي وزيراعظم ??مران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بوسنيا ۽ هرزيگوينا سان پاڪستان جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ انهن لاڳاپن کي سماجي، اقتصادي ۽ تعليم جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ عوام جي سطح تي لاڳاپن کي وسيع تناظر ۾ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا تر??وو??چ پنهنجي ملڪ جي تازه ترين سياسي اڳڀرائي جي باري ۾ پنهنجي موقف جو اظهار ڪي?? ۽ ??وسنيا ۽ هرزيگووينا جي عوام جي حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم ??وسنيا ۽ هرزيگووينا جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم آهي.