ڊيره اسماعيل خان – 11 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر ڊيره اسماعيل خان ۾ به آزادي جي ڏهاڙي ملها??ڻ جون تياريون عروج تي پهچي ويون آهن. شهر جي مختلف علائقن ۾ سبز هلالي قومي جهنڊن، جهنڊين بيجز سميت ٻين نئين ڊيزائين جون شيون وڪرو ڪرڻ ??ي لاءِ اسٽالز قائم ڪيا ويا آهن. جشن آزادي جي تيارين جي سلسلي ۾ شهرين جو چوڻ هو ته وڌندڙ مهانگائي جي هن دور ۾ آزادي جي ڏهاڙي جون شيون خريد ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ضرور آهن پر آزادي جو ڏهاڙو ملها??ڻ جو جذبو ختم ناهي ٿيو. انشاءَ ??لله 14 آگسٽ شا??دار طريقي سان ملهائينداسين.