اسلام آباد– 31 آگسٽ (اي پي پي) پ??ڪ فضائيه هن وقت سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي رهي آهي. نلتر وادي ۾ پ??ڪ فضائيه طرفان رليف ۽ بحالي جو ڪم به زورن تي آهي. پ??ڪ فضائيه جي ترجمان موجب پ??ڪ فضائيه جي ايئر موبلٽي ڪمانڊ هيلي ڪاپٽرز ۽ سي 130 جهازن جي 89 اڏامن ذريعي ٻوڏ متاثر انهن علائقن تائين امدادي سامان پهچايو ويو جنهن تائين زميني رستن ۾ پهچڻ مشڪل هو. انساني همدردي تحت پ??ڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورتمند خاندانن ۾ 795 خيما، 42491 پڪل کاڌي جا پيڪٽ، 146726 بنيادي کاڌي پيتي جي شين جا راشن بيگ ۽ 82806 پاڻي جون بوتلون ورهايون آهن. هن وقت تائين پ??ڪ فضائيه طرفان 16 ٽينٽ سٽيز ۽ 41 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن جتي رهائش ۽ خوراڪ جي فراهمي کانسواءِ 14822 مريضن جو پ??ڪ فضائيه جون مي??يڪ?? ٽيمون مفت طبي معائنو ڪري رهيون آهن، پ??ڪ فضائيه جون امدادي ڪارروايون اڃان تائين جاري آهن.