اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۽ ع??لمي ادارن پاران امدادي اڏامن جي پاڪستان اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين 44 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي چڪيون آهن. پرڏيهي ??في?? جي ترجمان موجب ٻنپهرن تائين ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ مجموعي طور تي گڏيل عرب امارات مان 16، ترڪيه مان 11، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 3، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 2، گڏيل قومن جي پناهگيرن جي اداري (يو اين اي?? سي آر) جون 5 ۽ ترڪمانستان مان هڪ اڏام پاڪستان پهچي وئي آهي.