اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف کي ماحولي??تي تبديلين جو معاملو موثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ تي گڏيل قومن جي ماحولي??تي تبديلين ۽ مسئلن جي حل بابت تنظيم (سي او پي – 27) جي نائب صدارت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، گڏيل قومن جي 195 ملڪن مان ??اڪ??تان جي وزيراعظم کي ان عهدي جي لاءِ چونڊڻ تمام وڏو عالمي اعزاز آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي – 27) جي اجلاس جي ناروي جي وزيراعظم، مصر جي ??در سان گڏ گڏيل صدارت ڪندو. اهو اجلاس شرم الشيخ مصر ۾ 6 کان 18 نومبر تي ٿيندو. واضح رهي ته هن وقت سي او پي 27 جي صدارت مصر وٽ آهي. مصر جي ??در عبدالفتاح السيبي وزيراعظم شهباز شريف کي سي او پي 27 اجلاس جي گڏيل صدارت جي دعوت ڏني آهي. اجلاس ۾ عالمي سربراهن، حڪومتن جي سربراهن، عالمي مالي??تي ادارن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جا ذميوار شرڪت ڪندا. گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ ماحولي??تي تبديلين جي مسئلن ۽ ان جي حل جي حوالي سان هي 27 هون اجلاس هوندو. وزيراعظم شهباز شريف جي ماحولي??تي تبديلين جي حوالي سان پراثر آواز تي ان کي اهو عهدو ڏنو ويو. تازي ٻوڏ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ ماحولي??تي تبديلين تي موثر آواز اٿاريو هو. ماحولي??تي تبديلين جي مسئلي کي ”ايس سي او تنظيم جي سطح تي اٿارڻ جي وزيراعظم شهباز شريف جي تجويز جي ٻين ملڪن تائيد ڪئي هئي. شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جو اجلاس 15 کان 16 سيپٽمبر تي ثمرقند ۾ ٿيو هو.