اسلام آ??اد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف پهرين ۽ ٻه نومبر تي چين جو دورو ڪندو. وزيراعظم کي ان دوري جي دعوت عوامي جمهوريه چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم ??ي ڪي چيانگ ڏني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??ار??ن جاري بيان ??وجب هلندڙ سال اپريل ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم ??حمد شهباز شريف جو چين جو پهريون دورو هوندو. وزيراعظم 16 سيپٽمبر 2022ع تي ازبڪستان ۾ چين جي صدر شي جن پنگ سان ??لاقات ڪئي هئي. چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخي ويهين نيشنل ڪانگريس جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم چين جو دورو ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. بيان ??وجب وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ق??اد?? جي سطح جي دورن جي تسلسل جو اظهار آهي. وزيراعظم چين جي دوري دوران صدر شي جن پنگ سان ??لاقات ڪندو ۽ وزيراعظم ??ي ڪي چيانگ سان ??فدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف جي دوري دوران ڌريون گڏيل اسٽريٽجڪ تعاون جي حصيداري جو جائزو وٺنديون ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان دوري ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترين ئي ??اد??شتن ۽ معاهدن تي صحيحون متوقع آهن. جڏهن ته وسيع پئماني تي ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۽ سي پيڪ جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي جي 27 آڪٽوبر تي ٿيندڙ 11 هين اجلاس جي ڏس ۾ سي پيڪ منصوبي تي تعاون جي رفتار کي مستحڪم بڻائڻ جي به اميد آهي.