اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بنون ۾ دهشتگردن جي ڪارروائي ناڪام بڻائڻ ۽ انهن جي خلاف ڪا??ياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ڪا??ياب آپريشن سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ دهشتگردي جي خلاف اڻٿڪ عزم جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪا??ياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي قيادت ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته قوم وڏيون قربانيون ڏئي ملڪ کي د??شتگردي کان آزاد ڪيو آهي، انهي جذبي سان دهشتگردي جي باقيات کي ملڪ مان مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، قوم ملڪي د??اع ۽ سلامتي جي لاءِ دهشتگردي جي خلاف قربانين کي سدائين ياد رکندي، پوري قوم دهستگردن جي خلاف ڪاررواين تي پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر آپريشن ۾ زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.