اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير بابت جنيوا ڪانفرنس جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي، عالمي برادري پاڪستان جي ??اءِ 8.57 ارب ڊالر جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي ??وئيٽ ?? اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير بابت جنيوا ڪانفرنس جي ??هرين مرحلي ۾ يورپي يونين 93 ملين ڊالر، جرمني 88 ملين ڊالر، چين 100 ملين ڊالر، اسلامي ترقياتي ب??نڪ 4.2 ارب ڊالر، عالمي ب??نڪ 2 ارب ڊالر، جاپان 77 ملين ڊالر، ايشيائي ترقياتي ب??نڪ 1.5 ارب ڊالر، يو ايس ايڊ 100 ملين ڊالر ۽ فرانس 345 ملين ڊالر جو واعدو ڪيو آهي. جنيوا ڪانفرنس جو ٻيو سيشن جلد شروع ٿيڻ وڃي رهيو آهي.