اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سوئيٽزرلينڊ ۾ عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موقعي تي ڏکڻ آفريقا جي عالمي لاڳاپن ۽ تعاون جي وزير سان ملاقات ڪئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موقعي تي ڊاڪٽر ناليڊي پنڊور سان ملي خوشي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ هر سطح تي پراڻا مضبوط لاڳاپا قائم آهن. ڏکڻ آفريقا جي پرڏيهي وزير سان گڏيل دلچسپي جي عالمي معا??لن تي سٺي خيالن جي ڏي ??ٺ ٿي ۽ ٻوڏ کا??پوءِ ڏکڻ آفريقا جي حمايت ۽ يڪجهتي جي تعريف ڪئي. ملاقات دوران واپار ۽ سيڙپڪاري جي حو??لي سان اسان جي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.