اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ??اڪ??تان پرامن پاڙيسريت تي يقين رکي ٿو ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندو. غيرملڪي نيوز چينل کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪ??تان جي سول ۽ ملٽري قيادت فيصلو ڪيو آهي ته ملڪ جي خلاف ڪم ڪندڙن کي برداشت نه ڪيو ويندو، ان حوالي سان مڪمل اتفاق آهي ته جيڪو به دهشتگردي ۾ ملوث آهي ان سان ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. هن چيو ته ??اڪ??تان ۽ افغانستان ٻنهي ??ي دهشتگردي درپيش آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام دهشتگردي جو شڪار آهي جنهن کي وقت سر منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پرامن افغانستان جي لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان افغان عبوري حڪومت تي به زور ڏنو آهي ته اها عالمي برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪري. هن تازي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ آزمائش جي گهڙيءَ ۾ ??اڪ??تان سان تعاون ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي عالمي اڳواڻن ??ا ٿورا مڃيا. بلاول ڀٽو زرداري ??اڪ??تان جي دوستن ??ا ٿورا مڃيا جن جنيوا ڊونرز ڪانفرنس ۾ ??اڪ??تان جي ٻوڏ کانپوءِ ب??الي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ مدد جو اعلان ڪيو آهي.