اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ پاڪ ايران سرحد تي دهشتگردن جي فائرنگ سان پاڪ فوج جي چئن جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد عنصر پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپا خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اسان جا حوصلا مضبوط آهن، اسان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگرد?? کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهن. پنهنجي بيان ۾ اطلاع??ت واري وفاقي وزير فائرنگ جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي اسد علي، لانس نائيڪ فريد الله خان، لانس نائيڪ عبدالرزاق ۽ لانس نائيڪ محمد يونس خا?? کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته شهيدن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاع??ت واري وفاقي وزير فائرنگ جي واقعي ۾ شهيد اهلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جم??ل جي دعا ڪئي.