اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سوراب بلوچستان ۾ زمين حاصل ڪندڙ متاثرين کي معاوضي جي 4 سالن کان عدم ادائيگي تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي عملدارن خلاف انڪوائري جو حڪم ڏيندي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر بلوچستا?? جي زمين حاصل ڪرڻ جي 23 متاثرين کي چئن سالن تائين معاوضي جي عدم ادائيگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن معاوضو ادا ڪرڻ ۾ دير جي ذ??يو??ر آفيسرن، اهلڪار?? جي خلاف انڪوائري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي حڪم جي وصولي جي 30 ڏينه?? جي اندر تعميل جي رپورٽ پيش ڪري. صدر چيو ته اٿارٽي وضاحت ڪري ته محتسب جي حڪم?? جي تعميل ڇو نه ڪئي وئي. هن چيو ته اٿارٽي چئن سالن ??ي دير کانپوءِ ايڪنڪ جي منظوري جي لاءِ ڪيس شروع ڪيو، معاملو دير سان موڪلڻ تي شهرين کي ادائيگي ۾ دير ٿي. صدر چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي لاپرواهي بلڪل واضح آهي. صدر چيو ته اٿارٽي 1894ع جي لينڊ ايڪيوزيشن ايڪٽ تي عمل نه ڪيو، ايجنسي جي قانوني ذ??يو??ري آهي ته اها ڊپٽي ڪمشنر/ ڪليڪٽر کي معاوضي جا فنڊ جمع ڪرائي. هن چيو ته اٿارٽي زمين کي حاصل ڪرڻ دوران نقصا?? جي ادائيگي ۾ ناڪام رهي، شڪايت?? جي چئن سالن کانپوءِ دير سان ڪيس شروع ڪرڻ بدانتظامي جي برابر آهي. تفصيل موجب سوراب بلوچستا?? جي 23 شهرين کان اٿارٽي روڊ جي تعمير جي لاءِ زرعي زمين حاصل ڪئي، روڊ مڪمل ٿيڻ جي باوجود زمي?? جي معاوضي جي رقم شهرين کي ادا نه ڪئي وئي، جنهن تي شهرين اٿارٽي کان معاوضي ??ي درخواست ڪئي پر ڪو به فائدو نه ٿيو?? ريليف نه ملڻ تي بلوچستا?? جي شهرين وفاقي محتسب کي درخواست ڪئي، وفاقي محتسب اٿارٽي جي حڪم?? جي خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو، جنهن کي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي صدر آڏو چئلينج ڪيو، صدر نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ??ي درخواست کي مڪمل طور غلط قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.