اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم در??ني چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام ل??ءِ ڪشمير مسئلي جو پائيدار حل اڻٽر آهي، هٿين خالي ڪشميرين خلاف طاقت جو استعمال نه ته انهن جي آزادي جي تحريڪ کي ڪمزور ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي پاڪستان جي اصولي موقف کي بدلائي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪشمير سان ايڪتا جي ڏهاڙي ??ي موقعي تي پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ ڪيو. راجا پرويز اشرف چيو ته ڀارت جو غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ڪشمير ??ي معصوم ڪشميرين خلاف ظلم ۽ ڏاڍ خطي جي امن ل??ءِ وڏو خطرو آهي، هن چيو ته ڀارت جي هٿ ٺوڪي جمهوري حڪومت طرفان آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي خاتمي ڪشميري عوام کي انهن جي سڃاڻپ ۽ آزادي کان محروم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو عالمي سطح تي ڪشميرين سان ڪيل واعدن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته ڄاڻايل آرٽيڪل جو خاتمو حڪومت جي بي رح??اڻي ۽ تعصباڻي پاليسين جي عڪاسي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد جي اصولي موقف جي حمايت ڪندو رهندو ۽ پاڪستان سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمن تي ڪشميرين جي خودمختياري واري جدوجهد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم در??ني چيو ته پاڪستان والاريل وادي ۾ ڪشميري عوام جي خود اراديت واري تحريڪ جي ڀرپور حمايت جاري رکندو ۽ هر فورم تي ڀارتي فوج طرفان ڪشمرين جي خودمختياري واري حق جي تحريڪ کي ڪچلڻ ل??ءِ ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪندو.